سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي نٿي ملي، جاگيردار طبقو جديد دؤر کان ڊڄي ٿو:نصير ميمڻ

حيدرآباد (پ ر)  عوامي تحريڪ جو تعليمي تربيتي ورڪشاپ ٻئي ڏينهن به جاري،ليکڪ ۽ محقق نصير ميمڻ ليڪچر ڏيندي چيو ته سنڌ جا 50 سيڪڙو ٻار کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي  رهيا آھن. سنڌ سرڪار جي رپورٽ مطابق سنڌ جي ٻھراڙين ۾ 70 سيڪڙو گھر ڪچا آھن، دنيا ۾ ڪچو گھر بدترين غربت ۽ مفلسي جي نشاني آھي، هن چيو ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي نٿي ملي جنهن ڪري سنڌ جي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ اڃا تائين صنعتي دور ۾ داخل ناھي ٿي. سنڌ جو جاگيردار طبقو جديد دؤر کان ڊڄي ٿو، سنڌ جا وڏيرا صنعتي زون ٺاھڻ نٿا ڏين. سنڌ جي تعليم تباھ ڪئي وئي آھي، يونيورسٽين ۾ معياري تعليم نٿي ملي. اسان کي جديد دؤر جي تعليم کپي، جديد ھنرن جي صنعت کپي. ٽيڪنيڪل ڪاليجن جي صورتحال پرائمري اسڪولن کان وڌيڪ خراب آھي. عاطف ملاح چيو ته قراداد مقاصد (آبجيڪٽو رزوليوشن) ئي مارشل لائن کي هٿي ڏني، منظم سازش تحت قائداعظم محمد علي جناح جي اصولن کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن پاڪستان جي تاريخ جو قتل ڪيو آھي. پاڪستان جي نصابي تعليم ڪوڙ تي ٻڌل آھي. گلڻ ڀنڊ چيو ته استاد بخاري جي سموري شاعري انقلابي آهي. هن جي هر صنف عام رواجي نه بلڪه تبديل ٿيل آهي، ساجده پرهياڙ چيو ته انقلابي ڪارڪن کي مضبوط، باهمت ۽ دلير ٿيڻ گهرجي. انقلابي ڪارڪن عوام لاءِ سادو سٻاجهڙو هئڻ گهرجي، ڊاڪٽر قاسم جمال چاچڙ چيو ته ٻئي جي تڪليف کي محسوس ڪرڻ انسانيت جي تقاضا آھي. سرمائيدار نفسياتي اصول استعمال ڪري پنهنجين شين جي پبلسٽي ڪري اسان کان اسان جا ثقافتي کاڌا، اسان کان اسان جي ثقافت ڦري رهيا آهن. اياز سمي چيو ته ارتقا جو نظريو تاريخ ۾ وڏو انقلاب ھئو. سنڌو ملاح چيو ته  سرمائيدار پنھنجي مفاد لاءِ ھر سفاڪي جي حد تائين وڃي ٿو ان عوام جي ٻڌي ئي منھن ٽوڙ جواب آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.