ڪورنگي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگري فوت، 4 زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي باغ ڪورنگي ثمينا بلڊنگ جي ڀرسان ڪچي گھر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان اچي 5 سالن جي روبيش ڌي محمد نذير فوت ٿي  وئي،  جڏهن ته 4 سالن جو دانش ولد امداد، 40 امير علي ولد  غلام اڪبر ، 35 سالن جو شبير ولد اڪبر ۽ 5 سالن جي ظاھرا بتول زخمي ٿي پيا آهن. فوت ٿي ويل نينگري ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

ڄام خان شوري ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي،گواهه پيش نه ٿيا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري نيب ريفرنس تي ٻڌڻي جي موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو، سندس ڀاءُ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو ۽ ڪرن خان شورو سميت 18 جوابدار  وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿيا، پر ڪيس جي گواھن جي پيش نه ٿيڻ ڪري عدالت ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وڪيل امداد انڙ موجب سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، گواھن جي گواھي نه ٿيڻ ڪري عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي گواھن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. نيب اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو سميت 18 ڄڻن خلاف سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ريفرنس داخل ڪيو ھو.

پاسنگ مارڪون برابر نه هجڻ تي درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ پاسنگ مارڪس برابر نه هجڻ ڪرڻ جي حوالي سان درخواست تي عدالت وڪيل کي  تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،درخواستگذارن پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته  پي ايس ٽي ۽جي ايس ٽي جي امتحان ۾ 38،39 نمبر حاصل ڪيون آهن پر اسان کي پاس نه ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته هارڊ ايريا۾ 33کي پاس قرار ڏنو ويو آهي،عدالت چيو ته  اوهان تياري ڪري اچو صرف ڪابينا هارڊ ايرياز ۾ 33 مارڪون رکيون آهن،  باقي پاسنگ مارڪس 40 آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.