لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي حفاظت سان گهر نه پهچائڻ ۽ عدالتي حڪم باوجود گرفتار ڪرڻ تي پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سلطان تنوير سومر ڏينهن قيصره الاهي جي توهين عدالت جي درخواست تي شنوائي ڪندو. قيصره الاهي پنهنجي مڙس کي عدالتي حڪم باوجود ٻيهر گرفتار ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو آهي.