ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر جي مڇي مارڪيٽ سامھون درگاھ حضرت سخي شاھ گوهر گنج ٺٽو وٽ موٽر سائيڪل سوار 3 ھٿياربندن حملو ڪري ٺٽي واسي نوجوان رياض ملاح کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان جا قاتل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن پاران ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، نثار احمد عرف ڇٽو گندرو، سليمان گندرو، مقتول جي ڀاءُ اعجاز احمد ملاح، مقتول جي پيءُ نور محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ مردن، عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏ لاش کڻائي ٺٽو/سجاول روڊ باءِ پاس چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي ٽرئفڪ معطل ڪري سخت نعريبازي ڪندي ملاح اڳواڻن چيو ته قاتلن کي سڃاتو آھي، جنھن ۾ امير ڪنڀار، غلام حسين ڪنڀار ۽ سھيل جاکرو شامل ھو، جن مان ٺٽو پوليس امير ڪنڀار کي گرفتار ڪيو آھي، باقي 2 جوابدار اڃان تائين پوليس گرفتار ڪري ناھي سگھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن رھيل ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل ھٿيار برامد ڪري کين سخت سزائون ڏياري سندن نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايس ايڇ او ٺٽو علي محمد ٽالاڻي احتجاج ڪندڙن وٽ پھچي ويو، ايس ايس پي ٺٽو ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو سان فون وسيلي رابطو ڪري کيس خاطري ڪرائي ته 2 ڏينھن اندر رھيل ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو ويندو، جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪري مقتول جي جنازي نماز باء پاس ٺٽو تي ادا ڪرڻ بعد لاش کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو، ٻئي طرف سنڌ ملاح فورم جو مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، ڏاڏا آدم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، محمد ايوب ملاح، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، محمد خان ملاح، عزيز گندرو، نثار احمد عرف ڇٽو گندرو ۽ بين پڻ ٺٽي شھر ۾ بيدردي سان قتل ٿي ويل نوجوان رياض احمد ملاح جي تڏي تي پھچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي ٻئي طرف ٺٽي ٿاڻي تي مقتول نوجوان رياض ملاح جي والد نور محمد ملاح جي فرياد تي ٺٽي ٿاڻي تي جوابدار امير ڪنڀار، غلام حسين ڪنڀار ۽ سھيل جاکرو خلاف ايف آء ار داخل ڪرائي وئي