بشير ميمڻ جي مقرريءَ تي (ن) ليگ جا سينيئر اڳواڻ ٻڏتر جو شڪار

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) مسلم ليگ ( ن ) سنڌ ۾ مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي ، ڇاڪاڻ ته سينيئر اڳواڻن کي نظرا نداز ڪيو ويو آهي ،  نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته بشير ميمڻ کي (ن) ليگ سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ کانپوءِ نوازشريف لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون آهن،ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد زبير جيتو ڻيڪ ميڊيا ۾ اچي خدشن جو اظهار نه ڪيو آهي  پر بشير ميمڻ جي مقرري تي هو دلي طور خوش نه آهي ، ڇاڪاڻ ته انتهائي ڏکين حالتن ۾ محمد زبير ميڊيا ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز جي ترجمان طور خدمتون  انجام ڏيندو رهيو پر پارٽي عهدن جي ورڇ ۾ کيس نظر انداز ڪيو ويو جنهن ڪري هو دلي طور ناخوش آهي پر خاموش آهي  جڏهن ته شاهه محمد شاهه به دلي طور خوش نه هجڻ جا اطلاع آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.