ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي پاران ملير ڪورٽ پهچي ملير بار ايسوسيئيشن جي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالرزاق ميمڻ، ملير بار ايسوسيئيشن جو صدر رائو زاهد، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ کانسواءِ مختلف ڪورٽن جا جج ۽ وڪيل وڏي انگ ۾ موجود هئا، تقريب کي خطاب ڪندي قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڪوشش هوندي ته آئين ۽ حلف موجب ذميداريون ادا ڪيان ڪوشش هوندي ته اوهان کي انصاف ٿيندو نظر پڻ ايندو هن چيو ته مان سڀني کي ميسيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته سڀني کي انصاف ملڻ گهرجي انصاف سڀني جو حق آهي اسان جي بنيادي ذميداري آهي ته ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ انصاف فراهم ڪيو وڃي قائم مقام چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته مان نٿو سمجهان ته ڪو جج ڪرپٽ به ٿي سگهي ٿو چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسان مسلمان آهيون الله تعاليٰ کي جواب ڏيڻو آهي، ڪيس کي خراب ڪرڻ بجاءِ تياري سان ڪيس پيش ڪيو وڃي هن چيو ته بار جي سياست کي ڪنهن سياسي جماعت جي سياست سان وابسته نه ڪرڻ گهرجي وڪيلن کي درخواست آهي ته لسانيت ۽ ٻين تعصبن کان پاڻ کي پري رکن تقريب کي ملير بار جي صدر رائو زاهد، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.