گڏيل قومن غزا کي دوزخ سان ڀيٽ ڏئي ڇڏي

نيويارڪ(م ڊ)گڏيل قومن جي انساني همدردي واري  اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو امدادي ٽرڪون غزا جي اتر تائين پهچائڻ ۾ ناڪام آهن جتي لکين ماڻهو اڃا به بکايل رهن ٿا، جيڪڏهن زمين تي ڪا دوزخ آهي ته اها اتر غزا آهي.ان کان علاوه، گڏيل قومن جي انساني حقن لاءِهاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ غزا ۾  اسرائيل پاران تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جي استعمال جي تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙن هٿيارن جو استعمال گهيري هيٺ آيل فلسطيني سرزمين ۾ وڏي  تباهي آڻي رهيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.