نواز ليگ اڳواڻن جون ملاقاتون، سنڌ ۾ متبادل قيادت جي ضرورت آهي: سعد رفيق

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو هڪ اعليٰ سطحي وفد جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو جي ڪراچي واري رهائشگاهه تي پهتو.مسلم ليگ ن جي وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق، بشير ميمڻ،کيئل داس ڪوهستاني، علي اڪبر گجر ۽ ٻيا شامل هئا،مسلم ليگ ن جي وفد علامه راشد محمود سومرو کي ميان محمد  نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ سنڌ ۾ ٺهڻ واري گرينڊ الائنس بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا.راشد محمود سومرو مسلم ليگ ن جي وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گرينڊ الائنس جي نتيجي ۾ وڏو سرپرائز ڏينداسين،سنڌ جي عوام کي محرومين مان ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي،هن چيو ته سنڌ امن مارچ ۾ عوام پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قيادت سنجيدگيءَ سان عوام جي امنگن تي پورو لهي.علامه راشد محمود سومرو ميان محمد نواز شريف، مريم نواز شريف ۽ شهباز شريف کي 30 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ،خواجا سعد رفيق چيو ته لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪندي،اياز صادق چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ۾ متبادل قيادت سنڌ جي عوام جي امنگن مطابق آندي وڃي، گرينڊ الائنس سان سنڌ ۾ چونڊن جا نتيجا مختلف هوندا،هوڏانهن سعد رفيق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اتحاد ٿي چڪو آهي. ن ليگ وفد پير پاڳاري سان به ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي خواهش آهي ته مسلم ليگ ن جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪيو وڃي، مسلم ليگين جو اتحاد وقت جي ضرورت آهي.بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ن ليگ وچ ۾ چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.هن چيو ته نواز شريف جي حڪم تي اياز صادق، بشير ميمڻ ۽ مان پيرپاڳاري سان ملڻ آيا هئاسين، ٻنهي وچ ۾ ملاقات تمام سٺي رهي. فنڪشنل ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن سان ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، اليڪشن جي تاريخ ويجهو ايندي ئي سياسي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي خواهش آهي ته مسلم ليگ ن جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪيو وڃي، مسلم ليگين جو اتحاد وقت جي ضرورت آهي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ن ليگ وچ ۾ چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي حڪم تي اياز صادق، بشير ميمڻ ۽ مان پيرپاڳاري سان ملڻ آيا هئاسين، ٻنهي وچ ۾ ملاقات تمام سٺي رهي. فنڪشنل ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن سان ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، اليڪشن جي تاريخ ويجهو ايندي ئي سياسي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.