ڊالر جي حساب سان اگهه وڌائيندي آهيان: اداڪارا نور ظفر خان

فلمون ۽ ڊراما سماج جو آئينو هوندا آهن، فلمي آرٽسٽ هجڻ، ڪنهن ڪردار سان نڀاءُ ڪرڻ وڏي ڳالهه هوندي آهي، اداڪاري به هڪ ڏات آهي جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، فلمن ۽ ڊرامن ۾ خوبصورت نظر ايندڙ فلمي اداڪارائون اهڙيون سُٺيون يا بُريون ناهن هونديون جيئن فلمن يا ڊرامن ۾ نظر اچن ٿيون، نه ئي اهي سڀ جو سڀ عوامي تفريح لاءِ ڪن ٿيون، ڪو به ڪردار نڀائڻ لاءِ انهن کي وڏو معاوضو ملندو آهي جنهن جي ڪري اهي ٽي وي اسڪرين تي عوام اڳيان نظر اينديون آهن. پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ اداڪارائن جو الڳ الڳ معاوضو هوندو آهي جنهن تحت اهي ڪو به ڪردار ادا ڪنديون آهن، اهڙي ئي حوالي سان پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارا نور ظفر خان چيو آهي ته هوءَ پنهنجو معاوضو ڊالر جو قدر وڌڻ جي حساب سان وڌائيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.