ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ريپر علي گل پير انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مقبول گاني ”وڊيري ڪا بيٽا“ کي ميوزڪ چينلن طرفام رد ڪيو ويو هو.
ويجهڙ علي گل پير هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڳائڻ سميت ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ ڪيل جدوجهد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
انٽرويو دوران ڳائڻي ٻڌايو ته معاشري ۾ اڪثر گانا عشق ۽ محبت بابت هوندا آهن، پر مون کي لڳندو هو ته ان کانسواءِ به ڪيتريون شيون آهن، جن بابت ريپ گاني ذريعي ٻڌائي سگهجي ٿو. انڪري ئي منهنجا اڪثر گانا معاشري جي مسئلن تي ٻڌل آهن.
هن پنهنجي مشهور گاني بابت انڪشاف ڪندي چيو ته اسان جنهن اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين، اتي وڏيرن جا ٻار به پڙهندا هئا، اهي هڪ گاڏي ۾ ايندا هئا ۽ انهن جا گارڊ ٻئي گاڏي ۾ هوندا هئا، ان ڪري مون هڪ ڪلاڪ اندر ”وڊيري ڪا بيٽا “ گانو لکي ورتو.
علي گل پير موجب، مون دوستن جي مدد سان 15 هزار رپين جي بجيٽ ۾ گانو تيار ڪيو ۽ پوءِ اسان پنهنجو گانو کڻي ميوزڪ چينلن وٽ وياسين، جتي مون کي چيو ويو ته هن گاني ۾ ڪا ڇوڪري ناهي ۽ نه ئي پيار ۽ محبت جون ڳالهيون آهن، تنهن ڪري هي گانو نه هلندو.
هن وڌيڪ چيو ته ميوزڪ چينلن منهنجو گانو رد ڪري ڇڏيو، مون درخواست به ڪئي ته هي گانو وڏي محنت سان ٺاهيو آهي، هڪ ڀيرو ٽي وي تي هلائي ڏسو ته ماڻهن جو ڪهڙو ردعمل اچي ٿو، پر مون کي انڪار ڪيو ويو، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر پوءِ مون اهو گانو يوٽيوب تي اپلوڊ ڪيو ۽ رڳو 4 ڪلاڪن ۾ هڪ لک ويوز اچي ويا، ان کان پوءِ ويوز وڌندا ويا ۽ گانو رات پيٽ ۾ڇانئجي ويو.
You might also like