خيبر (ويب ڊيسڪ) طورخم بارڊر تي ڪسٽم انفورسمينٽ اختيارين ڪارروائي ڪندي پرڏيهي ڪرنسي پڪڙي ورتي.
ڪسٽم اختيارين موجب طورخم ۾ 14200 يورو ۽ 5700 ڊالرن جي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
ڪسٽم اختيارين ٻڌايو ته افغانستان ويندڙ مسافرن جي تلاشي دوران پرڏيهي ڪرنسي برآمد ٿي.
اختيارين چيو ته چيف ڪليڪٽر ڪسٽم ۽ ڪليڪٽر انفورسمينٽ جي هدايت تي چيڪنگ جو سلسلو وڌيڪ سخت ڪيو آهي، سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سڀني پوائنٽن جي سخت نگراني ڪري رهيا آهيون.