او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، حماس جو ردعمل اچي ويو

غزا (ويب ڊيسڪ ) غزا جي صورتحال تي سعودي عرب ۾ جاري او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي گڏيل هنگامي اجلاس تي حماس جو ردعمل سامهون آيو آهي.

حماس جي سينيئر اڳواڻ ۽ ترجمان اساما حمدان چيو آهي ته عرب ۽ مسلم اڳواڻن کي ٽن ڳالهين، نڪتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

اساما حمدان چيو ته فلسطينين خلاف اسرائيل جي حملي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي، غزا ۾ انساني امداد، طبي امداد ۽ ٻارڻ موڪليو وڃي، فلسطين مسئلو رڳو فلسطينين جي حقن جي بنياد تي حل ٿيڻ گهرجي.

حماس ترجمان چيو ته امن عمل ٽن ڏهاڪن کان اسرائيلي گهرجن تي کتل رهيو انڪري امن عمل ناڪام رهيو آهي.

هن اسلامي ملڪن کان اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.