لمس جي رپورٽ ۾ فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وزير عمر سومري جي تصديق کانپوءِ لمس رپورٽ ۾ به مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي.

لمس ليب جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪپڙن تان هڪ کان وڌيڪ مردن جا جزا مليا آهن.

ڊي اين اي ميچ ٿيڻ سان جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي سگهندي.

لمس پنهنجي رپورٽ حڪومت کي ڏئي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن بابت نگران وزير عمر سومري تصديق ڪئي هئي ته راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ٿي وئي، ڊي اين اي ۾ جوابدار جا جزا ميچ ٿي ويا آهن.

عمر سومري چيو هو ته پير جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ خيرپور وياسين، پير جا ڊي اين اي سيپمل ميچ نه پيا ٿين، صحت کاتي جي آفيسرن پير سان لاڳاپن جي بنياد تي سيمپل تباهه ڪري ڇڏيا هئا،
پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي سين ته ڊي اين اي ميچ ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.