آمريڪي صدر غزا ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪري: پريانڪا چوپڙا

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سميت هالي ووڊ ۾ ڪم ڪندڙ مشهور ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا به غزا ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

آمريڪا ۾ فنڪارن، سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين طرفان اسرائيل هٿان فلسطيني نسل ڪشي خلاف مظاهرا ڪرڻ ۽ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ هالي ووڊ جي چار سئو کان وڌيڪ شخصيتن ” آرٽسٽ فور سيز فائر “ جي عنوان سان هڪ خط لکيو هيو.

خط ۾ آمريڪي ڪانگريس ۽ صدر جو بائيڊن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو غزا ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جنگبندي لاءِ قدم کڻي.

بائيڊن ڏانهن لکيل خط ۾ فنڪارن اِهو پڻ چيو هو ته اسان جو خيال آهي ته تمام انساني زندگيون پوءِ انهن جو واسطو ڪهڙي به مذهب، رنگ نسل سان هجي، اسان فلسطيني ۽ اسرائيلي شهرين جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا.

ان خط تي صحيحون ڪندڙ فنڪارن ۾ سيلينا گومز، جيجي حديد، بيلا حديد، ڪاميڊين ۽ ميزبان حسين منهاج، اداڪارا بين ايفليڪ، بريڊلي ڪوپر، اور چيننگ ٽينم، جي شيٽي، هالي ووڊ آئيڪن رچرڊ گيئر سميت چار سئو کان وڌيڪ بااثر شخصيتون شامل آهن.

خط تي صحيح ڪرڻ وارين شخصيتن جي فهرست ۾ ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا پڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.