لاهور (ويب ڊيسڪ) ويجهڙ ۾ ئي گلوڪارا آئمه بيگ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير سان گڏ اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن سوشل ميڊيا واهپيدارن ۾ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو.
گلوڪارا انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي اسٽيٽس ”سنگل“ لکيو، کيس ڪاري رنگ جو لباس پهريل هو.
آئمه بيگ جي اسٽوري کانپوءِ فيشن ڊزائنر زين احمد سان سندس طلاق جا افواهه زور پڪڙي رهيا آهن.
واضح رهي ته آئمه بيگ ڪئناڊا ۾ رهندڙ فيشن ڊزائنر زين احمد سان آگسٽ 2025ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ ڪجهه ئي مهينن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ اختلافن جون خبرون سامهون آيون هيون.
You might also like