ڪراچي: ڪار ساز روڊ حادثي ڪيس ۾ نامزد عورت منشيات ڪيس مان ثبوت نه ملڻ تي آجي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت ڪار ساز روڊ تي تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر سبب پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار عورت کي منشيات جي ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو.
جوابدار عورت جي وڪيل موجب ڪيميائي تجزيي ۽ رت جي ٽيسٽ ۾ ڪٿي به آئس منشيات نه ملي، جنهن تي عدالت جوابدار کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ڪار ساز روڊ تي گاڏي جي ٽڪر سبب پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ جو واقعو 19 آگسٽ 2024ع تي پيش آيو هو.
گاڏي ۾ سوار جوابدار عورت موٽر سائيڪل تي والد سان گڏ سوار آمنه عارف کي پٺيان کان زوردار ٽڪر هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا هئا.
ڪار ساز روڊ تي نيشنل اسٽيڊيم ڀرسان تيز رفتار گاڏي موٽر سائيڪل سوارن کي ڇيڀاٽيندي ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي هئي، حادثي ۾ هڪ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي هئي، جڏهن ته پوليس حادثي جي ذميوار عورت کي گرفتار ڪري ورتو هو.
واقعي کانپوءِ جوابدار عورت جون ڪيتريون ئي وڊيوز به سامهون آيون هيون، جن ۾ کيس نشي يا غنودگي جي حالت ۾ ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيندي به ڏٺو ويو.
ان کان اڳ پوليس جي جاچ آفيسر جي رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته جوابدار عورت مسلسل پنهنجا بيان تبديل ڪري رهي هئي.

You might also like