معاشي استحڪام حاصل ٿي ويو، هاڻي پائيدار ترقي ڏانهن وڌڻو آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ڏکين فيصلن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام حاصل ٿيو آهي، پاڪستان کي ٻيهر عروج ۽ زوال جي معاشي چڪر ۾ وڃڻ نه ڏينداسين.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، ايف بي آر جي آمدني ۾ گذريل سالن دوران 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايف بي آر جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب 8.8 سيڪڙو مان وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي خسارو 12.5 سيڪڙو مان گهٽجي 2.6 سيڪڙو رهجي ويو آهي.
هن چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، معاشي استحڪام مشڪل فيصلن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيو آهي، ان کي مستقل بڻائڻو آهي، پاڪستان کي ٻيهر عروج ۽ زوال جي معاشي چڪر ۾ وڃڻ نه ڏينداسين، معاشي استحڪام کان پائيدار ترقي ڏانهن وڌڻو آهي، بنيادي ڍانچي وارين سڌارن تي عملدرآمد جو سلسلو جاري رکڻو پوندو.

You might also like