اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پمز جي ڪارڊيڪ سينٽر جو دورو ڪري مختلف ڪمرن جو جائزو ورتو.
مصطفيٰ ڪمال پمز ۾ اليڪٽرو فزيالوجي ڪيٿ ليب جو دورو ڪيو ۽ مريضن کان سندن مسئلن ۽ سهولتن بابت پڇا ڪئي.
وفاقي صحت واري وزير پمز ڪارڊيڪ جي پرائيويٽ ڪمرن جي حالت ڏسي عملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀت جي حالت خراب آهي ۽ اوهان ان کي رنگ ڪري رهيا آهيو، ڪنهن ڏينهن هي ڀت ڪِري پوندي، پوءِ اسان سڀ هتي اينداسين.
مصطفيٰ ڪمال پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سلمان کي چيو ته اوهان کي اسپتال سمجهڻ لاءِ 6 مهينا نه ملندا، فوري طور ڪم ڪرڻو پوندو، اسپتال جي مينٽيننس روزانو نه ڏسنداسين ته ڇا ڪنداسين؟ جيڪو پنهنجو ڪم نه ڪري رهيو آهي، ان کي فوري طور ڪڍو.
وفاقي وزير چيو ته ڪو ڪنهن جو به ماڻهو هجي، جيڪڏهن ڪم نه ڪري رهيو آهي ته کيس فارغ ڪيو وڃي، ٻاهران اچي ڪو به ڪم نه ڪندو، انتظاميا ايڪشن وٺي، مان فارغ ڪندس.
سندس چوڻ هو ته مون وٽ هڪ به اهڙو صفحو ناهي آيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هجي ته ڪو شخص ڪم نه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو ڪم نه ڪري رهيو آهي ته روزانو 10 ماڻهو ڪڍي ڇڏيو.
پمز انتظاميا وفاقي صحت واري وزير کي شڪايت ڪئي ته هتي پاور سينٽرلائزڊ آهي، انتظامي اختيار هڪ شخص وٽ آهي، جنهن تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اوهان لکي ڏيو، اختيار ورهائي ڇڏينداسين، هڪ صفحي تي لکي ڏيو ته ماڊل ڪهڙو هجڻ گهرجي.
You might also like