سنڌوديش جي حامين خلاف ٺهراءُ آڻڻ اسان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي: علي خورشيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌوديش جي حامين خلاف مذمتيقرارداد آڻڻ اسان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ چاهين پيا، پر اپوزيشن جون تجويزون قرارداد جو حصو نه بڻايون ويون.
علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته اڄ ڊپٽي پارلياماني ليڊر سنڌوديش خلاف قرارداد آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا پيش ڪرڻ نه ڏني وئي.
اپوزيشن ليڊر اهو به چيو ته اڄ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر غيرمعمولي دٻاءَ ۾ نظر آيو، شايد اسپيڪر صاحب کي اڄ حڪومت طرفان وڌيڪ دڙڪا مليا آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وحدت ۽ پاڪستان جي سالميت تي ڪا به سوديبازي نٿي ٿي سگهي، سنڌوديش جي حامين جي مذمت ۾ قرارداد آڻڻ اسان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي.

You might also like