سعودي عرب غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ لڳو، هزارين گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي اختيارين سڄي ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو آهي.

عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران 17 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

2 کان 11 نومبر تائين ملڪ ۾ 17 هزار 305 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو.

رپورٽ موجب گرفتار ٿيلن مان 10 هزار 804 اقاما قانون تحت گرفتار ڪيا ويا.

سرحدن جي قانونن جي 3 هزار 890 ڀڃڪڙين ۽ 2 هزار 611 پرڏيهين پورهيت قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هئا.

ان ئي عرصي دوران غير قانوني طور سرحد پار ڪري ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي 626 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.