5 اهم شخصيتن جي ن ليگ ۾ شموليت!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) 5 اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ن ليگ صدر شهباز شريف سان ملاقات ۾ اڳوڻن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

سردار منصب ڊوگر، فاروق رضا مانيڪا، نظام الدين سيالوي، آصف عباس، ميان ماجد نواز ن ليگ ۾ شامل ٿيا.

ان موقعي تي شهباز شريف کين ڀليڪار ڪندي چيو ته توهان سڀني جي اچڻ سان ن ليگ جو عوامي خدمت جو سفر تيز ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.