راڻيپور۾ سماجي اڳواڻ تي حملو ڪندڙ 4 افغاني گرفتار، ڪيس داخل

راڻيپور (رپورٽ فياض حسين راڄپر) راڻيپور پوليس افغانين خلاف تحريڪ هلائيندڙ سماجي اڳواڻ ساجد مڱريو جي گهر مٿان حملي جا چار  جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، گرفتار جوابدارن ۾ زمان پٺاڻ، اسماعيل پٺاڻ، اسد پٺاڻ، نواب پٺاڻ شامل آهن. جڏھن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. افغانين خلاف تحريڪ هلائيندڙ  ساجد مڱريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گو افغاني گو جو نعرو هنيو آھي، جنھن تي افغاني پٺاڻن گهر مٿان حملو ڪيو، راڻيپور ٿاڻي آڏو مسلسل احتجاج ڪيو جنهن کانپوءِ پوليس چئن افغانين کي گرفتار ڪيو آھي جڏھن ته ايس ايڇ او راڻيپور انور ابڙو ٻڌايو ته چئن افغانين کي گرفتار ڪيو آھي جنھن جا  ڪارڊ نادرا ڏانهن موڪليا آھن جيئن ڪليئر ٿيا ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.