رشتن مان شناس موڪلائي وئي، ٽنڊوالهيار ۾ ماروٽ جي يتيم ٻارڙيءَ سان زيادتي

حيدرآباد / ٽنڊوالهيار (رپورٽر/ ڊ ر)  ٽنڊوالهيار ويجهو بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل حسن کوسو ۾ جوابدار شاهد کوسو پنهنجي ماروٽ 8 ورهين يتيم نياڻي فريدا کوسو کي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو. جنهن بعد وارثن نينگري متاثر نينگري کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو جتي سندس حالت سڌري نه سگهي،  ڊاڪٽرن پاران نينگري کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز علي عباسي وقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدار شاهد کوسو جي گرفتاري لاءِ بڪيرا پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ٻي پاسي ڄاڻ ملي آهي ته بڪيراشريف پوليس ڳوٺ گل حسن کوسو ۾ ڇاپو هڻي نينگري سان زيادتي ڪندڙ شاهد کوسو جي ڳولا ڪئي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ تي پوليس سندس والد علي احمد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل مبينا جنسي زيادتي جو شڪار ٻارڙي جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي پئي، ٻارڙي جي طبي چڪاس لاءِ نمونا ليباريٽري موڪليا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.