ڪراچي (رپورٽر ) ثقافت ۽ هيريٽيج جي وفاقي نگران وزير سيد جمال شاھ چيو آهي ته موهين جي دڙو جي ناچڻي جو کوٽائي دوران نڪتل مجسمو ڀارت حڪومت کي پاڪستان جي حوالي ڪرڻ گهرجي، فنڪارن کي هندو جيمخانو خالي ڪري ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ بدقسمتي سان ڏيڍ سو کان به گهٽ سينيمائون موجود آهن، جن ۾ اڪثريت عام ماڻهن جي لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ مشڪل آهي، ملڪ چار هزار کن سينيمائون عام ماڻهن لاءِ سستي ٽڪيٽ جي بنياد تي ٺهرائي سينيما مالڪن کي ڪجهه عرصي لاءِ ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ گهرجي ۽ انهن سينيمائن ۾ ڀارت سميت هالي ووڊ ۽ يورپ جون فلمون به هلڻ گهرجن ۽ چين سينيمائن جو وڏو مارڪيٽ آهي. هن اها ڳالهه جمع ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، نائب صدر مشتاق سهيل، سيڪريٽري شعيب احمد، خزانچي احتشام پاشا گورننگ باڊي جا ميمبر ذوالفقار راڄپر، شمس ڪيريو، ڪلثوم جهان، فاروق سميع ۽ ٽي وي اسٽيج جي فنڪاره ڊاڪٽر هما مير موجود هئا. سيد جمال شاھ چيو ته هڪ فنڪار ۽ ليکڪ جي حيثيت سان ڪراچي پريس ڪلب سان پراڻو واسطو آهي، ڪلب اندر ٿيندڙ ثقافتي سرگرمين ۾ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته 18 ترميم بعد صوبن کي قديم تاريخي ماڳن ۽ عمارتن جي سنڀال ۽ بحالي جو کاتو نه ڏنو وڃي ها ، صوبن کي صرف ثقافت جو کاتو ڏنو وڃي ها. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ ثقافتي سرگرمين کي وڏي پئماني تي ڦهلائڻ گهرجي، جنهن سان فنڪارن جي روزگار ۽ معاشي حالت بهتر ٿيڻ ۾ مدد ملندي ۽ فنڪارن کي وظيفو ڏيڻ انهن جي توهين آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي وزارت جي مختصر عرصي ۾ هڪ ورثو چينل کولي رهيا آهيون، ان سان گڏ ملڪ اندر فنڪارن جون ڪيمپون پڻ قائم ڪيون وينديون. سيد جمال شاھ چيو ته ماضيءَ جي حڪومتن ثقافت جي وزارت ۽ کاتي کي واڌو ۽ بار سمجهي هلايو هو، جڏهن ته ثقافتي سرگرميون ۽ فن سان قومن ۽ ملڪ اندر مہذب معاشرو ۽ رواداري پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن رياستي سطح تي فن، فنڪارن، ناچ، ڊرامي، فلم کي اهميت ۽ طاقت ڏني وڃي ها ته معاشرو ڀڃ ڊاهه جو شڪار نه ٿي ها. ڪراچي پريس ڪلب طرفان کيس اجرڪ اوڍائي ڪلب جي شيلڊ پيش ڪئي وئي، جڏھن ته ان موقعي تي ڊاڪٽر هما مير جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.