لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پنجاب ۾ ڊمي وزيراعليٰ عثمان بزدار کي ويهاري عوام جي پئسي کي بيدرديءَ سان لُٽڻ جو منصوبو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين فرح گوگي جي ڪرپشن ۾ سهولتڪاري ڪئي، اقتدار کي ختم ٿيندي ڏسي فرح گوگي کي ملڪ مان فرار ڪرايو ويو. اهڙو اظهار هن ڪالهه لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته فرحت شهزادي، فرح گوگي جي چوڻ تي مونکي ٻن اربن جو ڏنڊ جو ليگل نوٽيس موڪليو ويو جنهن جو مون مناسب جواب ڏنو، اڄ فرح گوگي جي اثاثن جي باري ۾ انڪشاف ٿي رهيا آهن. هن چيو ته فرح گوگي جي پهرين 95 ڪروڙ جا ظاهري اثاثا هئا جيڪي وڌي 4 ارب 52 ڪروڙ ٿي ويا، هن چيو ته چيف جسٽس کان درخواست آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٻُڌايو وڃي