ڪراچي: سمنڊ ڪناري تي ايندڙ نوجوانن کان اهلڪار رشوت وٺڻ لڳا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي سمنڊ ڪناري تي  پوليس اهلڪارن ٻين شهرن مان ايندڙ نوجوانن کان رشوت وٺڻ شروع ڪري ڇڏي، حيدرآباد جي 4 دوستن کي سمنڊ ڪناري تي پوليس روڪي ورتو. پوليس اهلڪارن نوجوان کي روڪيو ۽ ڪار جا ڪاغذ طلب ڪيا، نوجوان وٽ ڪاغذ نه هئڻ سبب اها ڪرائي جي ڪار هئي، جنهن تي سب انسپيڪٽر رمضان مبينا طور تي گاڏي ڇڏي 20 هزار رپيا گهريا، نوجوان 20 هزار رپيا ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي ، ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا واقعي جي جاچ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، پوليس اختيارين موجب ايس آءِ سب انسپيڪٽر رمضان ۽ متاثر نوجوان کي طلب ڪيو ويو آهي، پڇا ڳاڇا بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.