ڪراچي ( م ڊ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ انگلينڊ کي وڏي مارجن سان هارائڻو پوندو. پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ 287 رنسن جي مارجن سان فتح حاصل ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن پاڪستان ٽاس کٽي 300 رنسون ٺاهي ٿو ته انگلينڊ کي 13 رنسن تي آئوٽ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 150 رنسون ٺاهيون ته پاڪستان کي اهو هدف 3.4 اوورن ۾ حاصل ڪرڻو پوندو.