اسلام آباد ( م ڊ ) عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ڪينٽ عدالت ۾ پنجين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي گرفتاري واري ڪيس جي ٻڌڻي جوڊيشل ڊيوٽي مئجسٽريٽ شبير احمد جوئيو جي آڏو ٿي، عدالت صنم جاويد کي 11 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. پوليس صنم جاويد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران صنم جاويد طرفان سلمان شاهد ايڊووڪيٽ دليل ڏنا. ريس ڪورس ٿاڻي تي صنم جاويد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گهرو وزير جي ترجمان پاران آءِ جي سنڌ جي بدلي بابت افواهن جي ترديد
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير جي ترجمان آءِ جي سنڌ جي بدلي بابت افواهن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي. ترجمان موجب آءِ جي سنڌ ۽ سندس ٽيم ايمانداري سان پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ مصروف آهي. آءِ جي سنڌ هڪ پروفيشنل ۽ قابل اعتماد آفيسر آهي.ترجمان موجب آءِ جي سنڌ جي پروفيشنلزم جي ڪري ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ واضح بهتري آئي آهي.
نوازشريف ۽ عمران خان کي چونڊن کان اڳ انصاف ملڻ گهرجي: جاويد لطيف
لاهور(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته توهان چئو ٿا ته نواز شريف کي تيز رفتاري سان انصاف ملي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو جوابدار آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي ته جيئن خبر پوي ته ملڪ جو خيرخواه ڪير آهي، چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ کي انصاف ملڻ گهرجي.ووٽ کي عزت ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته آئيني ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ تحت چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، پر 9 مئي واري ٻوٽي جي آبياري نه ڪرڻ گهرجي، ن ليگ اڳواڻ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ موجود سهولتن تي آگاهه ڪندي چيو ته جيڪي سهولتون کيس جيل کان ٻاهر نه مليون، اهي جيل اندر فراهم ڪيون ويون آهن.
ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پاران آن لائن ڪمپني آفيس مان ڦرلٽ
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پاران آن لائن ڪمپني جي آفيس گهري ڦرلٽ جو آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ڪراچي ۾ آن لائين ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ شهري جي واقعي بابت ميڊيا رپورٽس جو نوٽيس ورتو. هن ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي کي انڪوائري جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته انتهائي شفاف ۽ غير جانبدارانه قدمن تي مشتمل رپورٽ جلد کان جلد تيار ڪري جائزو وٺي وڌيڪ ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي، متاثر شهري ٻڌايو ته جمعي جي رات ساڍي 10 وڳي ڌاري ماڻهو منهنجي آفيس ۾ آيا ۽ پاڻ کي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي اهلڪارن آڏو پيش ڪيو ۽ آفيس ۾ داخل ٿيندي ئي ڪيمرائن تي اسپري ڪيو، جنهن بعد هنن مون کي ۽ منهنجي ملازمن کي بنا وارنٽ جي حراست ۾ ورتو منهنجي بيگ ۾ ڪلارڪ جي روڪ رقم ، 10 لک رپيا روڪ ۽ اڌ درجن کان وڌيڪ ليپ ٽاپ هئا. آفيس مان لکين رپيا روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي، اسان کي هو ڪورنگي وٺي ويا ۽ ڌمڪايو ته ڪنهن ٻڌايو ته اسان سان سٺي نه ٿيندي.
ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، لکين رپين جي ڪرنسي هٿ
ڪراچي( رپورٽر ) ايف آءِ اي ترجمان مطابق ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪنگ سرڪل ڪراچي وڏي ڪاروائي ڪري ورتي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي زون زعيم اقبال شيخ جي ھدايت تي حوالا ھنڊي جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽيٽ بينڪ سرڪل ڪراچي اياز مھر جي نگراني ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، ترجمان موجب جمشيد ٽائون مان غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان لکين رپين جي ماليت جي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي ھٿ ڪري ورتي آهي، گرفتار جوابدار بغير لائسنس غير ملڪي ڪرنسي ايڪسچينج جو ڪاروبار ڪري رھيا ھئا، گرفتار ملزمنن ۾ محمد آصف , حافظ فھيم ۽ عمران عدماني شامل آهن.