نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو اليڪشني اتحاد ۽ ڪجهه سوال

تحرير: آزاد اي رحمان سپڙو

نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن هڪ ملاقات ڪري ملڪ اندر ٿيندڙ اليڪشن جي بابت پارٽي اتحاد قائم ڪيو آهي،  جيڪو سياسي پارٽين جو هڪ جهموري حق آهي پر شرط اهو آهي ته اتحاد جو مطلب صرف اليڪشن هارائڻ جي خوف کان گڏجي اليڪشن وڙهڻ نه هئڻ گهرجي پر پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداريءَ  سان گڏجي هن ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جو سچو ۽ حقيقي جذبو شامل هجڻ گهرجي.

دراصل انهي اتحاد جتي ملڪ اندر هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ته اتي ڪيترن ئي ماڻهن ۽ سياسي ڌرين کي حيرت ۾ پڻ وجهي ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم جي حوالي سان اليڪشن کانپوءِ يا اليڪشن کان اڳ ۾ اتحاد جي جيڪا تاريخ رهي آهي ان لحاظ کان سمجهو ۽ ڏاهن ماڻهن جي نظرن ۾ هي ڳالهه به ڪا ايتري حيرت ۾ وجهندڙ ناهي.ڇاڪاڻ ته ان بابت جيڪڏهن ماضيءَ  جي تواريخ تي نظر ڦيرائبي ته اهو صاف معلوم ٿيندو ته ايم ڪيو ايم  هميشه پاور ۾ رهڻ لاءِ ملڪ جي سڀني اقتداري ڌرين سان وقتن به وقت اتحاد ڪري اقتدار ۾ رهي پنهنجا سياسي مقاصد ۽ مفاد حاصل ڪيا آهن.پڙهندڙن جي ڄاڻ واسطي مختصر طور ايم ڪيو ايم جي سياسي اتحادن جو ڪجهه ذڪر هن ريت آهي.

  1. 1. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جو ماضيءَ ۾ سياسي اتحاد. 2. ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جو ماضيءَ ۾ سياسي اتحاد 3. ايم ڪيو ايم ۽ جنرل مشرف جي ماضيءَ  ۾ جوڙايل ق ليگ جو سياسي اتحاد. 4. ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جو سياسي اتحاد. 5. ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو ماضيءَ  ۾ سياسي اتحاد.6. ايم ڪيو ايم ۽ پي ڊي ايم جو گڏيل حڪومتي اتحاد.مطلب ته انهيءَ  سموري عرصي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ سمورن سياسي جماعتن جي اتحادين پنهنجي پنهنجي دؤر حڪومت ۾ هن ملڪ جي محڪوم عوام کي ڇا ڏنو آهي⸮

نواز ليگ جي خواجه سعد رفيق ۽ ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار سميت ڪجهه اڳواڻن اليڪشن کان اڳ اتحاد جوڙي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي،  انهيءَ  کي هر هڪ باشعور ماڻهو لازمي طور پنهنجي پنهنجي نقطءِ نظر سان ڏسي رهيو آهي.

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اليڪشني ڪاميابيءَ  جي حوالي سان ايترو ته پختو اعتماد ۽ ڀروسو آهي جو هن پنهنجو مؤقف ڏيندي چيو ته (بسم الله هنن سمورن سياسي ڌرين کي مان ويلڪم ڪيان ٿو)اڄ نئون اليڪشني اتحاد قائم ڪندڙ هينئر نوازليگ ۽ ايم ڪيو ايم منظر عام تي آهن انهن کان ئي سوال آهن جيڪي سنڌ جي هر هڪ باشعور،  پڙهيل لکيل طبقي سان گڏوگڏ هر عام توڙي خاص،  شهر توڙي ٻهراڙي جي عوام جا اهم ترين مسئلا آهن.

  1. 1. ڇا ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به ريت پاور يا طاقت جي نشي ۾ اچي سنڌ جي اصل وارثن کي وري ٻوري بند چچريل لاش ۽ عورتن جون ڇاتيون ڪٽيل لاش سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ مان ڇا ٻيهر ڪڏهن به نه ملندا⸮
  2. 2. ڇا ايندڙ وقت ۾ سنڌ اندر سنڌي ماڻهن کي نسل ۽ زبان جي بنياد تي پوري سنڌ اندر نظر انداز نه ڪيو ويندو⸮
  3. 3. ڇا سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهر جي ترقين ۾ مڪمل طور برابري واري بنياد تي پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان عمل ڪيو ويندو⸮
  4. 4. ڇا سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ صحت جي ادارن تي ڪاردگي جي لحاظ کان بنا ڪنهن تعصب ۽ فرق جي بنياد تي توجهه ڏنو ويندو⸮
  5. 5. ڇا سنڌ جي وڏن شهرن جي تعليمي ادارن ۾ داخلا واسطي سنڌي جي اصل وارثن کي ماضيءَ جيان خوار ڪرڻ بدران برابري جا موقعا ڏنا ويندا⸮
  6. 6. ڇا سنڌ ۾ آءِ جي پوليس کان وٺي ويندي ايس ايڇ اوز طور جون سموريون مقرريون مڪمل طور پروفيشنل ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون⸮
  7. 7. ڇا سنڌ جي سمورن کاتن ۾ ميرٽ کي بحال ڪيو ويندو⸮
  8. 8. ڇا سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي ختم ٿي ويندي ۽ امن جو پکي واپس موٽي ايندو ۽ انصاف ۽ رواداري واري فضا قائم ڪري، محبت ۽ ڀائپيءَ وارو ماحول جوڙيو ويندو⸮

جيڪڏهن ڪنهن به سنڌي جي سياسي اتحاد يا سياسي ڌرين وٽ حقيقي طور تي سنڌي عوام جي لاءِ اها سچائي واري ايجنڊا آهي ۽ انهي تي عمل لاءِ سندن ايمان پختو آهي ته پوءِ سنڌ جو باشعور عوام به سنڌ ۾ منشيات فروشن،  اسمگلرن ۽ بارود جي ڌپ ڏيندڙ افغان پناهگيرن بدران سنڌ سان محبت ڪندڙن کي هميشه دل سان قبول ڪيو آهي،  جنهن جو مثال موسيقي فن جي دنيا ۾ مؤجود آهي جتي اڄ به سمورا سنڌي ماڻهو استاد منظور علي خان کي موسيقي ۾ سنڌي جي خدمت ڪرڻ جي بدلي کيس دل جي خلوص سان سچو سنڌي ۽ نه صرف استاد چوندا آهن پر کيس فن جي دنيا جو سنڌ ۾ هڪ بزرگ طور تصور ڪندا آهن.

سنڌ شاهه،  سچل،  ساميءَ ،  بيدل ،  بيڪس ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفين جي سرزمين آهي،  جيڪا هتي امن پيار محبت ۽ عزت چاهي ٿي.

 

نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن هڪ ملاقات ڪري ملڪ اندر ٿيندڙ اليڪشن جي بابت پارٽي اتحاد قائم ڪيو آهي،  جيڪو سياسي پارٽين جو هڪ جهموري حق آهي پر شرط اهو آهي ته اتحاد جو مطلب صرف اليڪشن هارائڻ جي خوف کان گڏجي اليڪشن وڙهڻ نه هئڻ گهرجي پر پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداريءَ  سان گڏجي هن ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جو سچو ۽ حقيقي جذبو شامل هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.