ليجنڊ محمد ابراهيم جويي جون يادگار خدمتون

ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، 1927ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين.

. 1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ 14 سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال 1946ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين 200 رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين.

1951ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (56-1955) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو.

1963ع کان 1967ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ 1967ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ 1971ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. 1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ 12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1954 واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

1973ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. 1973ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ 1998ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو آيو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (1964ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو پڻ وڏو انگ آهي. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي. مئي 2009ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي تنهن وقت جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي.

محمد ابراهيم جويي 9 نومبر 2017 تي وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.