وڏيرڪي نظام خلاف سگهارو قانون لاڳو ڪيو وڃي

تحرير: ساگر سولنگي

سنڌ ۾ وڏيرڪو نظام ڪڏهن به غريب مسڪين ماڻهن جي حق ۾ ناهي رهيو ، هڪ طرف بيروزگاري سبب غريب مسڪين ماڻهو پريشانين جي گهاڻي ۾ پيڙجي ٿو ته ٻئي طرف وري وڏيرا شاهي سندن رت چوسي زندگي عذاب بڻائندي رهندي آهي .

سنڌ ۾ بااثر وڏيرڪي نظام جا اڻ کٽ داستان آهن انارڪي ۽ خودغرضي وڏيرن بااثر جي نڪ تي سوار رهي آهي جنهن جي ڪري اهي غريب مسڪين ماڻهن کي انسان ئي ناهن سمجھندا، جيڪڏهن ڪو غريب سندن خلاف آواز بلند ڪري ٿو ان کي ونگاري پوليس جي مدد سان هراسان ڪري ڌمڪايو وڃي ، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌ پوليس جا ڪجھه عملدار  بااثر وڏيرن ڀوتارن جي ونگارو رهيا آهن جنهن جي مدد سان بااثر ڀوتارن جو پنهنجو الڳ نظام قائم ٿيل آهي ۽ پنهنجا الڳ قانون مڙهي غريب مسڪين ماڻهن زرعي زمينون پلاٽ ، گھر تي قبضو ڪري پنهنجي بيهودا نظام جي پت کي وائکو ڪندا رهيا آهن، اهڙا مثال تقريبن سنڌ جي هر علائقي ۾ ملندا.  پوليس کي چند ٽڪن عيوض خريد ڪري مخالف مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرا ويندا آهن غريبن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويندا. پوليس سندن ونگاري هوندي آهي. مظلومن جو ساٿ ڏيڻ بدران الٽو انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيلن ۾ بند ڪيو ويندو آهي. غريب مسڪين هٿين خالي ماڻهن کي زرعي زمين مان بيدخل  ويندو. هتي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڏيرڪي نظام جي لاءِ ڪو الڳ سان قانوني جوڙي ان کي ٻنجو ڏنو وڃي ته جيئن اڳتي هلي ڪو وڏيرو بااثر ڀوتار پوليس جي مدد سان ڪنهن غريب مسڪين ماڻهن جي حقن کي ڦٻائڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.