سنڌ جو عوام غير ملڪين جي پٺڀرائي قبول نه ڪندو

پاڪستان جي تاريخ ۾ ايئن پھريون ڀيرو ٿي رھيو آھي، ته جيڪي قوتون ملڪ ۾ اصلوڪين آبادين کي ديوار سان لڳائڻ ۽ کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش تحت صوبن ۾ غير ملڪين جا ھٿ مضبوط ڪنديون رھيون، اڄ اھي ئي کين ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ  ميدان ۾ لٿل نظر اچي رھيون آھن. ڇا ڪاڻ ته غير ملڪين ڪڏھن به دل سان ھن ملڪ کي پنھنجو محسن ملڪ تسليم ناھي ڪيو. سندن ھر عمل مان ايئن محسوس ٿيندو آھي ته اھي ھتان جي شھرين کان انتقام وٺڻ لاءِ  ھر وقت موقعي جي تاڙ ۾ رھن ٿا.جيڪي ڪرمنل ۽ تخريبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان ويندي منشيات فروشي قتل و غارت گيري ۾ ملوث آھن.نه رڳو ايترو پر اھي غير ملڪي پنھنجي ملڪ جا جھنڊا کڻي بنا ڪنھن خوف کائڻ جي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اھڙي طرح لھرائيندا رھندا آھن، جيئن غاصب قوتون، فتح ڪيل ڪنھن ملڪ جي اوچي ماڳ تي کوڙي پنھنجي سوڀ جو اعلان ڪنديون آھن.

پاڪستان ۾ ترسيل عام افغاني پناھ گير جي ذھنيت کان ته ھر ڪو واقف آھي، پر ڪاروباري افغاني به ماڻھن سان ڪھڙي ريت پيش ايندا آھن. سندن اھو عمل به ڪنھن کان ڳجھو ناھي. ڊالر جي اسمگلنگ سميت اھي غير ملڪي ھر ان ڪم ۾ ملوث آھن، جيڪو ڪلڀوشن جھڙو ڪو ملڪ دشمن شخص ئي ڪري سگھندو آھي. پنھنجي ھر عمل مان رياستي رٽ کي چيلنج ڪندڙ غير ملڪين ڏانھن سياسي اڳواڻن جو پنھنجائپ وارو رويو سمجهھ کان مٿاھون آھي. انساني ھمدردي تحت پاڪستان جيترو سندن ساٿ ڏنو،  ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي، پر انھن احسان فراموشي جون ھڙئي حدون پار ڪري ويا، جنھن سبب سندن پردي پٺيان پست پناھي ڪندڙ طاقتور ماڻھو به کانئن بيزار ٿي ھٿ ڪڍي ويا.

جنگي جنون رکندڙ اھي غير ملڪي ڪيترن ئي سنڌي ماڻھن جا سينا گولين سان پروڙ ڪري چڪا آھن، جيڪي ڪوھستان ۾  صدين کان رھندڙ مقامي ماڻھن جي گھرن ۽ ڳوٺن تي زبردستي قبضا ڪري کين لڏائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا آھن، جيڪي نه رڳو مردن، ٻارن پر عورتن تي به تشدد ڪندي ڏٺا ويا.اسان ايترو گھڻو پري نٿا وڃون ته انھن پناه گيرن جا وڏڙا مولانا عبيد الله سنڌي سان ڪھڙو ورتاءُ ڪندا ھئا، يا بيريسٽر جان محمد جوڻيجي سميت خلافت تحريڪ جي پانڌيئڙن سان ڇا ڇا نه ڪيائون،  پر پاڻ ڳالھه  ڪنداسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي موڀي پٽ شاھ نواز ڀٽي جي۔ جنھن کي سندس افغان نسل جي زال زھر ڏئي کيس شھيد ڪيو ھو، اھو قتل ڪنھن جي چوڻ تي ڪيو ويو ھو؟ اھا ڳالهھ ڪنھن کان به لڪيل ڍڪيل ناھي.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا يا نه، انھن ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون يا نه: سنڌي ماڻھن اڄ ڏينھن تائين اھا ڳالھه نوٽ ناھي ڪئي نه ئي ڪڏھن ان بابت سنجيدگي سان سوچيو، انھن ڪڏھن به ڪارڪردگي جي بنياد تي نه پر شھيدن جي پارٽي سمجھي کين ووٽ ڏنا،  ۽ ان بنياد تي ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد سنڌ ۾ ڪڏھن به ڪمزور ناھي ٿيو، ۽ پ پ سنڌ کي پنھنجو مضبوط قلعو سمجھي ٿي، اھو ئي سبب آھي ته مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل اتحاد واري خبر جي ردعمل ۾ آصف علي زرداري چيو آھي ته سنڌ ۾ مقابلي لاءِ  ايندڙن جي آجيان ڪريون ٿا.

ڇا سنڌ سدائين لاءِ  پ پ جو مضبوط قلعو رھي سگھي ٿي؟ جڏھن ته حالتون تيزي سان تبديل ٿي رھيون آھن. جيڪي ماڻھو ڪجھه   سال اڳ وڏيرن کان خوف کائيندا ھئا، اھي اڄ سندن سامھون ۽ ھجوم ۾ کانئن پڇاڻو ڪرڻ لڳا آھن ته اوھان اسان جي ووٽن تي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ  ڪھڙو ڪم ڪيو آھي، ان لاءِ  ايندڙ ڪجھه  سالن کان پوءِ  سنڌ جو ووٽ وڏيرن جي اثر کان آزاد ٿي ويندو ۽ پ پ کي پنھنجي پوزيشن بچائڻ لاءِ  عام ماڻھو سان رابطو ڪرڻو پوندو، ان لمحي سنڌي ماڻھو کيس ڪھڙي موٽ ڏيندو؟ اھا ڳالھه کين ضرور سمجھڻ گھرجي، ڇو ته سنڌي ماڻھو شھيدن جي نالي سان سياسي دوکا، ويساه گھاتيون ۽ حق تلفيون ته برداشت ڪري سگھن ٿا،  پر وطن جي معاملي ۾ اھي تمام گھڻا حساس آھن.شھيد شاھنواز ڀٽو سميت بي گناھ ماڻھن جي قاتلن کي معصوم سڏڻ دراصل ملڪي مفادن کي ڇيھو رسائڻ ۽ ملڪ دشمني جي ھڪ صورت آھي.

سنڌ! غير ملڪين جي نيڪالي جي لاءِ  سراپا احتجاج آھي، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو غير ملڪين جي حمايت پي پي کي ڏکي پئجي وڃي. ڇو ته ان بيان سان سنڌ جي ماڻھن کي تڪليف ته ٿيندي ئي ٿيندي پر اھو اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانو به آھي، جيڪو پ پ کي ايندڙ چونڊن ۾ پٺتي ڌڪي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.