ڀاءُ فيض گهانگهرو جو وڇوڙو ۽ سندس ڪجهه ساروڻيون

تحرير: حميده گهانگهرو

هر انسان جو درد جهوري وجهندو آهي پر اڄ منهنجي قلم، ڄڻ يادن جي ڳوڙهن کي ڀري ڇڏيو آهي. ڪنهن تي لکان ڪيئن لکان! ۽ ڇو نه لکان. ها هيءُ درد هڪ اهڙي انسان جو آهي جيڪو رت جي رشتي ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ آهي.

سڀ کان وڏو هئڻ ۽ مان پنجين نمبر تي آهيان ان ڪري ٻاراڻيون يادگيريون ذهن ۾ نٿون اچن، بس ايترو ياد آهي 1971ع جي جنگ هلندي مونکي ٽائيفائيڊ ٿي پيو هو. فيض ڀاءُ، سکر ۾ نانيءَ جي گهر پڙهائي مڪمل ڪرڻ لاءِ رهندو هو. بيماريءَ جي خبر پوڻ تي محرابپور اچي ٿو. امان کي چوي ٿو ته ڀيڻ جو خيال رکڻو آهي امان کي ڪجهه گهرو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو هو، رڌ پچاءُ ڪرڻ، سڄي گهر کي ڌوئي صاف ڪرڻ. ٻه منزله واڻڪي زماني جو پڪين ڳاڙهين سرن تي ٺهيل هو سڄي گهر ۾ الماڙيون لڳل هيون. ٿانون جي الماڙي، ڪپڙن رکڻ جي الماڙي، ڪتابن جي الماڙي مطلب ته ڀاءُ ڪنهن سگهڙ ڇوڪريءَ کان گهٽ نه هو، گهر جي صفائي کي ڏسندي شهر جو عورتون گهر ايندي چونديون هيون ته ادي تنهنجو پٽ فيض آيو آهي ڇا؟

ماءُ کي هٿ ونڊائڻ جون خاصيتون ۽ ڪنهن به ڪم ۾ عار محسوس نه ڪرڻ، پڙهائي ۾ ٽاپ تي هوندو هو.

سکر ۾ پهرين جماعت اسلامي مولانا مودودي جي تربيت هيٺ رهيو. مولانا صاحب جو فيض ڀاءُ تي پورو يقين هوندو هو ته هيءُ انتها پسند نه پر اسلامي شرعي قانون مطابق انصاف پسند نوجوان آهي. سندس ڳڻ اڳتي هلي انسانيت جي لاءِ حق ۽ انصاف جو آواز بڻجندا. بلڪل  ايئن ئي ٿيو جڏهن مذهبي انتهاپسندي جي مداخلت ڪري اصل انصاف ۽ حق جو آواز پوئتي رهجي وڃي ته فيض گهانگهرو جهڙا ماڻهون ساڻن گڏ نه پيا هلي سگهن.

سکر، مزدورن جي جدوجهد ۽ باشعور وڪيلن مزدور، اڳواڻن، شاعرن، اديبن، سياسي اڳواڻن جو مرڪز رهيو آهي انهيءَ ڪري فيض ڀاءُ کي ڪا ڏکيائي نه ٿي ته شاگردن جي نظرياتي جدوجهد کان مزودرن جي جدوجهد ۾ شامل ٿئي.پڙهائي دوران سندس تعلق شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتح الله عثماني، ڊاڪٽر اعزاز نذير، حسن حميدي وغيره وغيره سان گهڻو رهيو. ۽ پوءِ مزودرن جي حقن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙ سندس زندگيءَ جو دستور ٺهي ويو. انهيءَ ڪري ڪچي مٽيءَ مان پچي، حالتن جي ناانصافين جي اوڙاهه مان مضبوط پهاڙ ٿي بيٺو. ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ۽ شاگرد، هاري مزدور رابطا ڪميٽي ۾ انتهائي سرگرمين ۾ شامل رهيو. سندس گهڻي قدر جدوجهد جو مرڪز مزدور رهيا. ٻيڙي ورڪر يونين هجي يا فيڪٽرين مان اٿندڙ دونهين وانگر پورهيتن جا دونهاٽيل محروم احساس فيض گهانگهرو کي نظرياتي سياسي سوچ ۽ پارٽي سان ڪيل ڪشمڪش کي پوئتي نه رکيو. پڙهائي دوران ئي مزدورن جي احتجاجن ۾ شامل ٿي ڪيترا ڀيرا جيل به ويو.

مونکي ياد آهي ته پهريون ڀيرو ون يونٽ خلاف سکر سينٽرل جيل ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ساڻس گڏ هئا. اسانجي وڏي مامي جنهن کي ”امان دادا“ چوندا هئاسين ڪٿان خبر پيس ته قرآن جي سوره محمد ۽ سوره ابراهيم پڙهڻ سان جلد آزاد ٿي ويندو. ادي زبيده ۽ مان ڪجهه سمجهه واريون هيون سين. ادي زبيده محمد ۽ مان ابراهيم سوره روزانه صبح سان پڙهنديون هيون سين. امان دادا کي دعائن تي يقين هو . هن  فيض ڀاءُ کي پٽ ڪري پاليو هيو. مائن جي دل جي به ڪنهن معجزي جي انتطار ۾ پئي تڪليف کي سهارو ڏيندي آهي. بابا اسان سڀني ڀينرن ڀائرن کي قرآن شريف پڙهايو هو اهو سوچي نه ته برڪتون وڌنديون. پر اهو سوچي ته مسلمانن تي اسلام ۽ قرآن جي فضيلت لاڳو آهي انهيءَ ڪري ڪنهن به شئي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته مطالعو ڪيو وڃي ۽ سماج ۾ انسانن جي هجوم کان پاڻ کي الڳ نه ڪجي.

خير، مان ۽ ادي زبيده قرآن شريف پڙهنديون هيون سين ۽ ان وچ ۾ گهر جي ڏاڪڻ تان ڪير ايندو هو ته سمجهنديون هيون سين ته شايد ڀاءُ ٿو اچي. ٻه مهينا گذري ويا ٿيو ايئن ته سکر مهراڻ مرڪز تي روزانو احتجاج ٿيندا رهيا، ڪجهه ساٿي روزانو علامتي بک هڙتال به ڪندا هئا. نيٺ ايوب خان جي ڊڪٽيٽرشپ کي شڪست ٿي ۽ پورهيتن جي آواز جي ڪاميابي ٿي ۽ سمورا سياسي قيدي فيض ڀاءُ سميت آزاد ٿي ويا.  هڪ ماءُ جي يقين ۽ پورهيتن جي حقيقي نظرياتي احتجاج جي نيٺ ڪاميابي ٿي.

هاڻي هي نوجوان، بهادر  ۽ نڊر جوشيلو هئڻ سان گڏ پوئتي نه هٽڻ وارو ڪامياب اڳواڻ ٿي چڪوهو. بابا هميشه چوندو هو ته ڪڏهن به ڪنهن تڪليف کان نه گهٻرايو. تڪيلف توهانجي تربيت ۽ جيل آزمائش جو امتحان آهي. بلڪل ايئن ئي ٿيو. فيض ڀاءُ پنهنجي ٻنهي آزمائشن ۾ ڪامياب ٿيو.

روهڙي سمينيٽ فيڪٽري جي يونين جو ميمبر هو. يونين، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ چاچا مولا بخش خاصخيلي ۽ اسرار خان جي اثر هيٺ هئي. سڀ عهديدار پارٽي جا ميمبر هئا. سکر شهر ۾ اعزاز نذير، مزدور اڳواڻ جي حيثيت ۾ پارٽي جي نظرياتي ڪيڊر جي اڳواڻي ڪندو رهيو. خيرپور، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، پنوعاقل جي پورهيتن جو سکر گهنٽا گهر تي مهراڻ مرڪز تي آفيس ٺاهيو ويو ۽ ان جو انچارج فيض گهانگهري کي مقرر ڪيو ويو، تعليم سان گڏ مزدور جدوجهد  ۾ ڀرپور حصو ورتو. سائيڪو اسٽائيل تي پملفيٽ، اخبار ۽ ڪو به مسودو هٿ سان اسٽينسل ڪٽي تيار ڪندو هو. سندس هٿ جي لکائي ڄڻ پريس جي الفابيٽ جون آڱريون هجن.

سندس پيار جي شادي روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جي مزدور اڳواڻ ۽ پارٽي جي ساٿي احمد علي جي ڌيءَ خاتون اختر سان ٿي، نڪاح واري ڏينهن ئي خاتون اختر، ڊاڪٽري جي پڙهائي لاءِ ماسڪو هلي وئي. سندن رابطو خطن وسيلي هو. جن جو هن پورو فائل ٺاهي رکيو. پڙهائي واري عرصي ۾ خاتون اختر صرف ٻه يا ٽي ڀيرا پاڪستان آئي. مڪمل ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ هوءَ پاڪستان اچي وئي.

فيض گهانگهري پنهنجي سياسي سرگرمين جي لاهن چاڙهن باوجود وڪالت جي تعليم مڪمل ڪئي. زال ڊاڪٽر ۽ پاڻ وڪيل، سماجي طور ٻنهي جي حيثيت هئي. سندن هڪ پٽ دانش ۽ ڌيءَ پونم آهي جيڪي پڻ سٺي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.پ پ جي چونڊن دوران شهر ۾ مهاجر ۽ پنجابي شاگردياڻين جي سنڌين سان نفرت ڪرڻ تي ڏاڍو خلاف ٿي ويس.جماعت اسلامي جون شاگردياڻيون ڪجهه اهڙا ڪهر ڪنديون هيون ته چوٽيءَ کان پڪڙي چون پاڪستان جو مطلب ڇا، جيئي جماعت اسلامي چئو ۽ پ پ جي خلاف گاريون ڏنيون هيون.

بهرحال سڀ ڪجهه ٻڌندي به فيض ڀاءُ مونکي سکر جيل مان خط لکيو ته هيءُ ڪجهه ڪتاب موڪليان ٿو، پڙهه، مان واپس اچي توکي سمجهائيندس.

تن ڏينهن ۾ ڄام ساقي روپوش هو ۽  ”مولانا“ ٿي گهر ايندو هو. مان پهرين ته مولوي سمجهي ان کان به نفرت ڪندي هيس. پر هيءَ اهڙو مولوي هو جنهن سان شهر جا نظرياتي ۽ سياسي سوچ جا ماڻهو ملڻ ايندا هئا. انهيءَ ڪري مان چوندي هئس هيءُ ڪتابي ملو آهي.فيض ڀاءُ خاص تاڪيد ڪئي هيس ته هيءَ منهنجي ڀيڻ جذباتي ۽ مزاحمتي آهي ڪنهن جي به خلاف ٿيندي ته ڊڄندي ناهي. سو قوميت جي بنياد تي نفرت ختم ڪرائڻي آهي ۽ پوءِ ٿيو ايئن ته هڪ ڏينهن مهاجر غريب شاگرد کي اسڪول پڪنڪ تي ويل ٻين شاگردن پاڻيءَ ۾ غوطا ڏئي ماري ڇڏيو. اهو واقعو ڪتاب ”پيڙا جي سفر ۾“ تفصيل سان آهي) پوءِ  مونکي ٻولي مذهب، قوميت جي انتهاپسندي سمجهه ۾ آئي ۽ فيض ڀاءُ موقعي مان فائدو وٺندي خوب انسانيت ۽ فرسوده طبقاتي نظام جي خاتمي جا ليڪچر ڏيندو رهيو. ايئن منهنجو نظرياتي استاد به ٿي ويو.

نذير عباسي جي شهادت کانپوءِ  بئريسٽر ودود وٽ ڪيس فائل ڪرائڻو هو. جامع ڪلاٿ آفيس ۾ مان برقعو پائي ويس، اتي انيس هاشمي صاحب، اختر حسين ايڊووڪيٽ، بئريسٽر ودود سان صلاح مشوري لاءِ ويٺا هئا. انٽيليجنس کي خبر پئجي وئي ته مان آئي آهيان. ڪيس تيار ڪري پوسٽ آفيس ذريعي ڪاپيون موڪلڻيون هيون. ڇا ته فيض ڀاءُ جي ذهانت ۽ دليري هئي سخت گهيراءُ جي باوجود هو گهٽين مان هيڊ پوسٽ آفيس تائين پهتاسين. گهڻو  پنڌ ڪرڻ سبب پيرن ۾ ڇالا پئجي ويا پيرن مان رت وهڻ لڳو.

هي سڀ لکڻ وقت سندس دليري ۽ مونکي حوصلو ڏيڻ وارو منظر ياد اچي ٿو. منهنجي رئي جي پلئه کي ڦاڙي پيرن ۾ پٽي ٻڌائين ۽ چوڻ لڳو. منهنجي ٻانهن تي زور ڏئي چوڻ لڳو  قدم اڳتي وڌاءُ ڀيڻ همت نه هارڻي اٿئي. منهنجو ڪامريڊ نظرياتي ڀاءُ ايڏي تڪيلف ۾ به پنهنجي سهاري سان ٻانهن ٻيلي ٿي پيو هلي. سندس سڀاءُ هميشه نظرياتي ۽ سچن ڪامريڊن وارو رهيو.

هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو بهترين وڪيل رهيو. سندس وڪالت جو محور پورهيتن جا ڪيس وڙهڻ هو. ڪڏهن به پئسن ڪمائڻ لاءِ وڪيل نه رهيو پر وڪالت، پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي حقن خاطر آواز اٿارڻ لاءِ ڪيائين. هن وٽ ڪڏهن به سپريم ڪورٽ واري وڪيل جي وڏائي نه هئس. سندس آفيس ٽريڊ سينٽر ۾ چوٿين ماڙ تي هئي. هڪ ڏينهن آفيس ويندي لفٽ وٽ جمعدار بيٺا هئا جن کي لفٽ جو گارڊ اهو چئي وڃڻ نه پيو ڏئي ته توهين جمعدار آهيولفٽ ۾ نٿا وڃي سگهون. فيض گهانگهرو سبب پڇيو جيڪو هنن ٻڌايو. ته بي ڌڙڪ ٿي  جمعدارن جي هٿ مان ٻهارو وٺي پنهنجو بريف ڪيس انهن جي هٿ ۾ ڏنائين ته پهرين توهين لفٽ ۾ وڃو پوءِ مان.  هاڻي گهانگهرو صاحب کي ڪير روڪي ٻئي هٿ ۾ ٻهارو هئس. اهڙا ڪيترا واقعا هن جي زندگيءَ ۾ ايندا رهيا ۽ باشعور سوچ هئڻ ڪري انهن جو مقابلو ڪندو رهيو.

اڄ هو اسانجي وچ ۾ موجود ناهي. پر سندس ساروڻيون ۽ ڪارناما، هارين، مزدورن غريبن لاءِ احساس ڪيئن وسري سگهن ٿا. ڪالهه آخري ديدار ڪرائي هو دنيا مان ته رخصت ٿي ويو پر سندس چهري تي هڪ نصيحت نظر آئي ته ڪڏهن به مصلحت پسند ٿي ڪوڙ جو ساٿ نه ڏجو. ڀلي توهان اڪيلا هجو، توهانجو سچ، توهان جو سهارو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.