اسرائيل پاران غزا تي ائٽم بَم ڪيرائڻ جي ڌَمڪين تي تماشائي بڻيل عالمي طاقتون

تحرير: عبدالسميع وسير

اسرائيل پاران فلسطين تي ظلم ۽ بربريت جي تاريخ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پئي ھلي ، پر ھاڻ اُها ايتري ته خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وئي آھي جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ تمام مشڪل آھي۔ اسرائيل جي بدمست رياست جرمني جي نازي حڪومت کان به اڳتي نڪري چڪي آھي۔اسرائيل پاران فلسطين جي شھرن جي اسڪولن ، اسپتالن ۽ ايمبولينسن تي بمباري ڪئي وئي آھي جيڪا اڃان تائين جاري آھي۔ بمباري جي نتيجي ۾ ھن وقت تائين اٽڪل ڏھ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو شھيد ٿي چُڪا آھن جنھن ۾ مرد عورتون توڙي معصوم ٻارڙا شامل آھن ۽ زخمين جو تعداد پڻ پنجويھ ھزار کان وڌي ويو آھي۔ اسرائيل پاران ھاڻ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، جيئن ڪوبه فلسطيني نسل جو فرد نه بچي۔اسرائيل جي اھڙي ظلم جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گھٽ آھي۔

سوال ھي آھي ته عالمي طاقتون جيڪي پنھنجي پاڻ کي امن جون ٺيڪيدار سمجھن ٿيون ۽ نام نھاد امن جي پرچار ڪن ٿيون ته اھي ھن ايڏي وڏي مسئلي تي خاموش ڇو آھن؟ گڏيل قومون (United Nations  Organization)، جيڪا دعوا ڪندي آھي ان ٺھڻ جو مقصد دنيا کي جنگ کان روڪڻ ۽ ملڪي معاملن کي ڳالھين جي ذريعي حل ڪرائڻ آھي ، پر حقيقت ان جي مڪمل اُبتڙ آھي ۽ ھي طاقتور سامراجي ملڪن جي بچاءُ لاءِ  ۽ انھن کي تحفظ ڏيندي آھي ۽ انھن جي غلط فيصلن جو دفاع ڪرڻ کان سواءِ ان جو ڪوبه عالمي فائدو عوام کي نه مليو آھي۔ دنيا جي ھر مسئلي تي اسان کي يا ته گڏيل قومون نظرانداز ڪندي نظر اينديون يا وري اهيان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ويون آهن۔ فلسطين ھجي توڙي ڪشمير،لبنان يا شام انھن مسئلن جي حل لاءِ  ان جو ڪوبه ڪردار نظر نه ايندو ڇو ته گڏيل قومون پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ عالمي سامراجي طاقتن جو ماتحت بڻجي چڪي آھي۔

آمريڪي پرڏيھي وزير پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته جيستائين آمريڪا جو وجود آھي تيستائين اسرائيل جو وجود رھندو۔آمريڪي وزير جو ھي بيان ان ڳالھه  کي چٽو ڪري ٿو ته آمريڪا اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي۔ھجڻ ته ائين گھرجي ھا ته عالمي عدالت(International Court Of Justice) ، پاڻمرادو آمريڪي پرڏيھي وزير جي ھن بيان جو نوٽس وٺي ان تي ڪيس ڪري ھا ڇو ته اسرائيل جي بربريت کي ھٿي ڏيڻ ۾ آمريڪا جو وڏو اھم ڪردار رھيو آھي۔ آمريڪا تي نوٽيس ته پري جي ڳالھه  آھي پر عالمي عدالت ۾ ايتري جرئت نه آھي جو ھو اسرائيل خلاف نوٽيس وٺي ۔ ڇو ته اسرائيل ، عالمي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رھيو آھي، جن ۾ جنگي ڏوھ شامل آهن۔ برطانيا پاران ته ھي ڳالھه  به ڪئي وئي آھي ته اسرائيل کي پنھنجو دفاع ڪرڻ جو پورو حق آھي ، اسرائيل فلسطين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو۔سڄي دنيا جون ترقي پسند تنظيمون ان ڳالھه کي چڱيءَ ريت سمجھن ٿيو ته عالمي سامراجي طاقتون دنيا تي پنھنجي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ  اھڙي قسم جون حڪمت عمليون  جوڙن ٿيون جيئن دنيا ۾ انھن جو راڄ قائم رھي سگھي۔

ڪجھه  ڏينھن اڳ زيونيسٽ پارليمينٽ جي ھڪ ميمبر پاران تجويز ڏني وئي آھي ته فلسطين تي ھاڻ ائٽم بم جو حملو ڪيو وڃي۔سوال ھي پيدا ٿئي ٿو ته آخر اسرائيلي رياست ايڏي انتھاپسندي تي ڇو پھتي آھي ؟ ان جو جواب ڪجھه  ھن ريت ملندو ته اسرائيلي رياست جو موقف آھي ته فلسطين جي سر زمين اسان لاءِ  مذھبي اھميت ٿي رکي ۽ ھيءَ اسان جي زمين آھي ، مطلب ته مذھبي بنيادن جي ڪري اڄ اسرائيل ظلم جي انتھا تي پھتو آھي۔ تاريخ ۾ اھڙا ڪئي واقعا ملن ٿا جن ۾ سياسي معاملن ۾ مذھب کي داخل ڪيو ويو ۽ ان مذھب جي مداخلت جي ڪري تمام وڏو نقصان پھتو آھي ، ماضي جا ڪتاب اھڙن واقعن سان ڀريا پيا آھن۔

اڄ فلسطين ۽ اسرائيل جو ڪيس جڏھن ڏسنداسين ته اسان کي ساڳي ماضي جو عڪس ملندو ته ڪيئن اسرائيلي رياست مذھبي زور تي ھزارن ماڻھن کي قتل ڪيو ، زخمي ۽ بي گھر ڪيو۔ غزا  جي داخلي رستن تي اسرائيل جو سخت محاصرو آھي ، ان محاصري سامان جي داخلا کي روڪي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڻي، کاڌو ۽ ايندھن شامل آهن، غزا  جي پٽي ۾ 2 ملين کان وڌيڪ ماڻهو زنده رهڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن. غزا  جي پٽي تي اسرائيل جي 16 سالن کان جاري غيرقانوني بندش مان پيدا ٿيندڙ انساني تباهي صرف ان صورت ۾ وڌيڪ خراب ٿئڻ کان بچندي جڏهن ويڙهه فوري طور بند ڪئي ويندي۔

دنيا جون سموريون امن پسند قوتون ھي گُھر ڪن ٿيون ته فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جلد کان جلد  جنگبندي ڪئي وڃي ۔سڀني ڌرين پاران غير قانوني حملن کي روڪيندي، غزا  ۾ وڌندڙ موت جي تعداد کي روڪيو وڃي ۽ امدادي ادارن کي زندگي بچائڻ واري امداد، پاڻي ۽ طبي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ  پٽي ۾ انساني مصيبت جي سخت سطح کي حل ڪرڻ لاءِ  اُپاءُ ورتا وڃن ۔ اھو پڻ ضروري آھي ته اسپتالن کي زندگي بچائڻ واريون دوائون، ايندھن ۽ سامان حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن جي انهن کي سخت ضرورت آهي۔جنگبندي (Ceasefire) لاءِ  پوري دنيا جي ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ ڌرتي تي امن چاھيندڙ عوام احتجاج ڪري رھي آھي ۽ پنھنجي ملڪ جي حڪومت اڳيان مطالبو رکي رھي آھي ته ھو عالمي طاقتن کي مجبور ڪن ته ھو فلسطين جي مٿان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن۔ سياسي سطح تي چند اھڙا ملڪ آھن جن اسرائيل جي ظلم جي مذمت ڪئي آھي ۽ ان سان سڀني سياسي لاڳاپن کان لاتعلقي جو اظھار به ڪيو اٿن ۔ ڇو ته ھو ان ڳالھه  کان واقف آھن تي اسرائيل خلاف فلسطين جيڪا جنگ وڙھي رھيو آھي اصل ۾ اها جنگ فلسطين جي قومي آزادي جي جنگ آھي ۽ آزادي ھر مظلوم قوم جو بنيادي حق آھي۔

آمريڪي پرڏيھي وزير پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته جيستائين آمريڪا جو وجود آھي تيستائين اسرائيل جو وجود رھندو۔آمريڪي وزير جو ھي بيان ان ڳالھه  کي چٽو ڪري ٿو ته آمريڪا اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي۔ھجڻ ته ائين گھرجي ھا ته عالمي عدالت(International Court Of Justice) ، پاڻمرادو آمريڪي پرڏيھي وزير جي ھن بيان جو نوٽس وٺي ان تي ڪيس ڪري ھا ڇو ته اسرائيل جي بربريت کي ھٿي ڏيڻ ۾ آمريڪا جو وڏو اھم ڪردار رھيو آھي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.