ميلبرن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا، ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ 21 نومبر کان پرٿ ۾ شروع ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آسٽريليوي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيلهه جي تڪليف مان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ناهي ماڻي سگهيو ، تنهنڪري پهرين ٽيسٽ ۾ سندس غير موجودگي ۾ اسٽيو سمٿ ٽيم جي قيادت ڪندو.
آسٽريليا جي پرٿ ٽيسٽ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ اسٽيو سمٿ (ڪپتان)، ايلڪس ڪيري( وڪيٽ ڪيپر)، جوش انگلس ( وڪيٽ ڪيپر)، مارنس لبيوشين، عثمان خواجا، ٽريوس هيڊ، ڪئمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، شان ايبٽ، اسڪاٽ بولينڊ، برينڊن ڊاجٽ،نيٿن ليون، مچل اسٽارڪ، جِيڪ ويدرالڊ ۽ بيو ويبِسٽر شامل آهن.
You might also like