مفتي تقي عثماني مسلم دنيا جي ٻي بااثر ترين شخصيت قرار، فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم به بااثرن ۾ شامل

اردن جي رائل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز دنيا جي 500 بااثر مسلم شخصيتن جي سالياني فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان جي ناليواري عالم مفتي تقي عثماني کي دنيا جي ٻي بااثر ترين شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب قطر جو امير شيخ تميم بن حمد ال ثاني مسلم دنيا جي سڀ کان بااثر شخصيت طور فهرست ۾ پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته مفتي تقي عثماني کي ٻئي نمبر تي رکيو ويو آهي.
ٽاپ 50 بااثر شخصيتن ۾ ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان، سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان ۽ برڪينا فاسو جو صدر ڪيپٽن ابراهيم تراوري به شامل آهن.
ان ئي فهرست ۾ پاڪستان سان واسطو رکندڙ ٻيون مشهور مذهبي ۽ سماجي شخصيتون به شامل آهن، جن ۾ مولانا طارق جميل، مولانا نذرالرحمان ۽ مولانا الياس قادري شامل آهن.
ان کانسواءِ دنيا جي 500 بااثر مسلم شخصيتن جي فهرست ۾ پاڪستان جي سياسي قيادت به جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي، انهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ حافظ نعيم الرحمان جا نالا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.