علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آڊيو ليڪ ڪيس ۾ عدم پيشي سبب علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت ۾ آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران علي امين گنڊاپور طرفان ڪو به پيش نه ٿيو، ايڊيشنل سيشن جج کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
علي امين گنڊاپور جي عدم پيشي سبب فرد جرم جي ڪارروائي به ملتوي ڪئي وئي ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 5 ڊسمبر تي ٿيندي.
واضح رهي ته 2022 ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان علي امين گنڊاپور جي هڪ شخص سان مبينا آڊيو ليڪ ٿي هئي، جنهن ۾ هو پڇي رهيو هو ته بندوقون ڪيتريون آهن، جنهن تي ٻئي شخص چيو ته کوڙ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.