نواز شريف تاحيات نااهل آهي : اعتزاز احسن

لاهور ( م ڊ ) سينيئر قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف تاحيات نااهل آهي، آئين ۾ ترميم ٿيڻ تائين نواز شريف جي نااهلي ختم نٿي ٿي سگهي. لاهور هاءِ  ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سينيئر قانوندان اعتزاز احسن نوازشريف بادشاهه آهي، سڀ سندس اڳيان جهڪن ٿا. اعتزاز احسن اسيمبلي هن وقت موجود ناهي، تنهنڪري ترميم نه ٿي ڪري سگهجي،  ترميمن کانسواءِ سپريم ڪورٽ جي سزا ۾ نرمي نٿي ٿي سگهي.هن چيو ته جنهن هاءِ ڪمشنر نواز شريف کي الوداع ڪيو سن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڏوهاري کي پروٽوڪول ڏيڻ قانوني ڏوهه آهي، افغانين بابت ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته افغان مسئلي تي ٻيهر بحث ٿيڻ گهرجي ۽ قومي پاليسي ٺاهڻ گهرجي، موجوده افغان مسئلي ۽ پاليسي سبب ڏڦيڙ پکڙجندو. سمورن افغان پناهگيرن کي رجسٽرڊ ڪري پاليسي ٺاهي وڃي. اعتزاز احسن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کانسواءِ اليڪشن نٿي ٿي سگهي.

ميرپور ساڪرو جي پي ايس 79 کي ختم ڪرڻ واري اعتراض تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

ڪراچي (رپورٽر) ٺٽي ضلعي جي اڳوڻي صوبائي تڪ پي ايس 79 جي خاتمي خلاف سينيٽر سسئي پليجو جي اليڪشن ڪميشن ۾ داخل اعتراضن تي ٻڌڻي اڄ  ٿيندي.ناميارو قانوندان شھاب الدين اوستو سامونڊي پٽي جي ميرپور ساڪرو واري تڪ جي خاتمي خلاف آئيني ۽ قانوني دليل ڏيندو. تڪ بندين تي اعتراضن بابت جوڙيل ٻن بينچن ۾ ٻڌڻيون ٿي رهيون آھي. اليڪشن ڪميشن پاران ٺٽي ضلعي جي ٽن صوبائي تڪن مان ھڪ تڪ ختم ڪرڻ بعد نون جوڙيل تڪن ٺٽو ون ۽ ٺٽو پي ايس 75-76 ۾ ختم ڪيل تڪ جا ووٽ ضم ڪيا ويا آھن. واضع رھي ته اليڪشن ڪميشن پاران ان کان اڳ عمرڪوٽ ضلعي جي تڪن تي اعتراضن بابت درخواست داخل ڪندڙن جا اصل نالا ڪاز لسٽ ۾ لکڻ بدران غلطي سان سينيٽر سسئي پليجو کي درخواست ڪندڙ ڄاڻايو ويو ھو.

غريبن کي صحت جون مڪمل مفت سهولتون فراهم ڪنداسين:ڊاڪٽر نديم جان

اسلام آباد(م ڊ) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته هيلٿ ڪيئر ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيا آهيون، غريب ماڻهن کي صحت جون  مڪمل مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته صحت واري وزارت ۽ ذيلي ادارن کي ڊجيٽلائز ڪيو پيو وڃي، لائسنسنگ ۽ رجسٽريشن جو سسٽم به ڊجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، ڊجيٽلائز ڊيٽا فوري طور تي وزارت کي صحت جي مسئلن جون حقيقتون ٻڌائي سگهندو. هن چيو ته  دنيا ۾ دوائن جي گهٽتائي جو مسئلو آهي، شوگر، دل جي مرضن جي دوائن جي کوٽ آهي، ملتان ۽ پشاور ۾ انسولين جي وڌيڪ کوٽ آهي، صحت ڪارڊ جي مسئلن کي اسان حل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.