اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ٿاڻي حد ڳوٺ نرلي ۾ بي رحم جوابدارن سونن زيورن جي لالچ ۾ چوپائي مال لاءِ گاھ ڪندڙ عورت مسمات ڀلي شر کي گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڪنن مان سونا زيور لاھي فرار ٿي ويا علائقي واسين عورت جو لاش ڏسي وارثن ۽ اوٻاوڙو پوليس اطلاع ڏنو جتي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو پنھنجي تحويل وٺي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مقتولا عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي عورت مال جو گاھ ڪرڻ لاءِ پنھنجي ٻني ۾ وئي جتي ظالم جوابدارن ڪنن ۾ پيل سونا زيور ڏسي ان کي گھٽو ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ويا، سونا زيور به لاهي ويا، اسين ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.