افغان عملدارن طرفان غيرقانوني پرڏيهين بابت تنقيد بنا جواز آهي: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي سڌ سماءَ بابت نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته هاڻ تائين چمن بارڊر تان 66 هزار غير قانوني  پرڏيهين کي انهن جي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. افغان عملدارن طرفان پرڏيهين جي حوالي سان تنقيد بنا جواز آهي. حڪومت ان حوالي سان بهترين انتظام ڪيا جيڪي عالمي اصولن جي مطابق آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽه پريس ڪلب ۾ صحت بابت نگران صوبائي وزير امير محمد جوگيزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته 26 هزار غير قانوني پرڏيهي سنڌ صوبي مان آيا، انهن کي به هتان حفاظت سان روانو ڪيو ويو. نگران حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ به غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائيءَ جو سلسلو جاري رهندو. پاڪستان ۾ لکن جي انگن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي معيشت تي بار آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.