پشاور (م ڊ)طورخم بارڊر تي افغان رهواسين جي واپسي لاءِ قائم ٽرانزٽ ڪيمپس ۾ خاص هيلٿ ڪلينڪ قائم ڪئي وئي آهي. هيلٿ اينڊ سروسز جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ارشاد روغاڻي چيو ته هيلٿ ڪلينڪ ۾ ڊي ايڇ او جي نگراني هيٺ افغان رهواسين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. گذريل 7 ڏينهن ۾ هڪ هزار ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ افغان رهواسين جا ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيا ويا.
اين ڊي ايم اي فلسطين لاءِ امداد جي ٻي کيپ رواني ڪري ڇڏي
اسلام آباد(م ڊ)نگران وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي فلسطين خاص ڪري غزا ۾ جاري جارحيت، گهيراءُ ۽ حملي کي نظر ۾ رکندي مظلوم فلسطيني عوام لاءِ فوري امداد جي ٻي کيپ روانو ڪري ڇڏي. امدادي سامان جي روانگي جي تقريب اسلام آباد ايئرپورٽ تي منعقد ٿي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، نگران وفاقي وزير خليل جارج سميت پاڪستان ۾ فلسطين جو سفير احمد ربائي پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم جا عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق ٻي کيپ ۾ 89.6 ٽن امدادي سامان حڪومت طرفان روانو ڪيو ويو آهي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران 168 ملازمن جي غير حاضري تي پگهارون ڪٽڻ لاءِ ليٽر جاري
ڪراچي(رپورٽر) شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 168 ملازمن جون غير حاضري تي پگهارون ڪٽڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي بائيو ميٽرڪ ۾ غير حاضر هجڻ تي ٻن ڏينهن جي پگهار ڪٽي ڊي جي کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.