وڏي وزير مقبول باقر پاران سرڪاري اگهن تي عمل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ضلعي انتظاميا پاران اعلانيل سرڪاري اگهن تي عمل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دڪاندار، مهانگائي جي سٽيل عوام کان وڌيڪ رقم  اوڳاڙي رهيا آهن. وڏي وزير ڊويزنل ڪمشنرن کي خط لکي اگهن تي ضابطي لاءِ وقت سِر جاري ڪيل هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ضلعي انتظاميا کي متحرڪ ڪن ۽ جلد وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي آگاهه ڪن ته جيئن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي لکيل خط ۾ سڄي سنڌ جي سب رجسٽرار جي آفيسن ۾ بدعنوان عملي، مالي گورننس بابت رپورٽن ۽ شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير مقبول باقر چيو ته سندس حڪومت جي واضح هدايتن ۽ شفافيت تي زور ڏيڻ باوجود سب رجسٽرار جي ماتحت آفيسن ۾ بدعنواني جو ڪاروبار معمول موجب هلندڙ آهي. پنهنجي خط ۾ وڏي وزير چيو ته عوام کان ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي ۽ سمورا رجسٽرار پنهنجي آفيسن ۾ مقرر وقت تي حاضري نٿا ڏين ۽ عوام کي پرائيويٽ ڊيلرز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي ٿو. وڏي وزير ايس ايم بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي معاملي جو جائزو وٺي ۽ روينيو کاتي ۾ موجود ڪاري رڍن جو احتساب ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.