راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آھي ته پير آف راڻيپور پير ابل سائين هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هيو هو پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آھي جنھن جو اعلان پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان پاڻ ڪري چڪو آھي راڻيپور ۾ پير ظھور احمد شاھ المعروف ابل سائين جي لاڏاڻي تي سندس پٽن پير عمران شاھ پير مٺا سائين سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ن ليگ جو ڪردار سنڌ جي عوام جي سامهون آھي جنھن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪئي اها سنڌ مان ڪا به اميد نه سمجهي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ غير ملڪي ماڻھو رهن ٿا جنهن ۾ افغاني برمي بنگالي شامل آھي پيپلزپارٽي سپريم ڪورٽ ۾ افغانين کي نيڪال ڪرڻ خلاف نه وئي آھي پر هڪ فرد فرحت الله بابر ويو آھي ان سان پارٽي نه وئي آھي اسان چئون ٿا ته جيڪي افغاني هت ڄاوا آھن انھن جي لاءِ ڪو الڳ قانون هجڻ گهرجي