گلشن اقبال(ن ع آ) ليبر ڪورٽ جو ناميارو وڪيل ، ترقي پسند اڳواڻ ۽ روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو جو ڀاءُ ڪامريڊ فيض گھانگھرو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڪامريڊ گذريل 10 سالن کان دل جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ حرڪت قلب بند ٿيڻ سبب ساهه سڳو ٽٽي پيس مرحوم سوڳوارن ۾ گهر واري، هڪ پٽ ۽ نياڻي ڇڏي آهي. ڪامريڊ فيض گھانگھرو ٽريڊ يونين جو مڃيل وڪيل هو سڄي عمر مزدورن ۽ هارين جا ڪيس وڙهيا ۽ ڪڏهن به ڪنهن سرمائيدار جو عدالت ۾ ڪيس نه هلايو سنڌ خاطر تڪليفون ڪاٽيون ون يونٽ ۾ حصو ورتو ۽ ايوب جي مارشل لا ۾شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي سان گڏ جيل ۾ به رهيو ۽ اسين لوچون لوهه ۾ جيل ڊائري به لکي،سندس جنازي نماز اڄ ظهر جي نماز بعد ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته تڏو فليٽ خضر آرڪيڊ نواب اسماعيل خان رود گرومندر تي وڇايو ويو آهي، هوڏانهن عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ سٿ ميڊم حميده گهانگهرو سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهارڪيو آهي ۽ دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس عطا ڪري