اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي جلاس کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪور ڪميٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جبر ۽ فاشزم پي ٽي آءِ کي چونڊ ميدان ۾ اچڻ کان نٿو روڪي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف سڄي ملڪ جي هر تڪ ۾ پنهنجو اميدوار بيهاريندي. پي ٽي آءِ چيئرمين جيل مان آزاد ٿيڻ بعد چونڊن ۾ قوم جي اڳواڻي ڪندو. پي ٽي آءِ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي چيئرمين کي قيد ڪيو ويو ته هو جيل مان قوم جي اڳواڻي ڪندو. جاري ڪيل پڌرائي موجب عوام جي حمايت ۽ ساٿ سان ظلم کي ان جي ساٿارين سميت شڪست ڏني ويندي، چونڊن ۾ مداخلت ۽ ڌانڌلي کي قوم ۽ دنيا قبول نه ڪندي. ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي پڌرائي موجب چونڊن جي تاريخ کان پوءِ ليول پلئنگ فيلڊ کان محروم ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي ويون آهن. بيان موجب اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۽ نگران حڪومت پاران معيشت جي تباهي تي پي ٽي آءِ پاران وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.