ڌاٻيجي (ن ع آ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ امن، محبت، ڀائيچاري ۽ صوفين جي سرزمين آھي ان سنڌ جي اندر ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار بڻيل آهن، ٻوڏ کانپوءِ اڃا تائين ماڻھو دربدر بي يارو مدگار بڻيل آھن، ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو ته سکر جي معصوم ٻارڙي پريا ڪماري گذريل 26 مهينن کان گم آھي، سنڌ اندر لاقانونيت وڌي وئي آھي ڦرون، چوريون ڌاڙا هر روز ٿين پيا، پريا ڪماري گذريل 26 مهينن کان گم آھي پر اڃا تائين ان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ حڪومتون توڙي نگران حڪومت قدم ناهن کنيا، پريا جي امڙ روئي روئي بي حال ٿي وئي آهي، هن چيو ته صنعتي ادران اندر نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، اسين ڪنهن زبان قوم ٻولي جا مخالف ناهيون اسان پنهجي حقن جي ڳالھه ٿا ڪيون سڀني کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي پنهجي ملڪ موڪليو وڃي.