سراج الحق جون ايراني اڳواڻن ۽ حماس قيادت سان ملاقاتون

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده نازڪ صورتحال ۾ عالم اسلام جي حڪمرانن متحد ٿي مظلوم فلسطينين  جي مدد نه ڪئي ته امت ۽ تاريخ انهن جو احتساب ڪندي. حڪومتن جي خاموشي مسلمان عوام جي غضب ڪاوڙ کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي او آءِ سي ملڪن جو سربراهي اجلاس سڏايو وڃي بيانن ، قراردادن ۽ معاهدن بدران غزاکي بچائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن تهران ۾ ايراني اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالھيون ڪندي ڪيو. سراج الحق چيو ته ايراني حڪومت مان مسلمان عوام کي وڏيون اميدون آهن،اسان سڀني کي گڏجي فلسطين جي آزادي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو آهي پر غزه جي عوام تي ظلم بند ڪرڻ جو فيصلو ملتوي نه ڪنداسين،هنن چيو ته بائيڊن تل ابيب وڃي سگهي ٿو ته مان به وزيراعظم هجان ها ته غزا جي مجاهدن سان گڏ هجان ها،جڏهن ته سراج الحق قطر ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه، خالد مشعل ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.