اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) گهوٽڪي پوليس طرفان گرفتار ڪيل بدنام ڌاڙيل ثنو عرف ثناءُ الله شر کي اوٻاوڙو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت سڳوري ثناءُ الله شر کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، اوٻاوڙو ڪورٽ ۾ ريمانڊ دوران ثناءُ الله شر جي صحافين سان ٿيل ڳالھه ٻولهه دوران صاف ظاهر ڪري ڇڏيو ته ثناءُ الله شر پاڻمرادو پوليس وٽ پيش پيو آهي، ثناءُ الله شر ميڊيا ذريعي ڪچي جي ڏوهارين کي پيغام ڏيندي چيو ته ڏوهي دنيا ڇڏي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو ته جيئن ايندڙ زندگي سڪون جي گذاري سگهو، هوڏانهن ڪچي جي آزاد ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي شهر جي عورت سان عشق ٿي ويو ھو جنهن ڪري ڏوهي دنيا ڇڏي پاڻ کي قانون حوالي ڪرڻ کانپوءِ شادي جي شرط تي عورت جي پوليس سان ڊيل تحت پيش پيو آهي جنهن کي ڪورٽ سڳوري ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.