اهو ناهي ٻڌايو ويو ته فواد کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو: حبا فواد

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد چيو آهي ته اسان کي نه ٻڌايو ويو ته فواد کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتارڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حبا چوڌري چيو ته اڄ معلوم ٿيو ته فواد چوڌري تي ڪهڙي ايف آءِ آر آهي. حبا چوڌري جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي ها ته پي ڊي ايم حڪومت ڇا فواد چوڌري کي ڇڏي ها؟ هن چيو ته ڪالهه فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته فواد چوڌري جو رستو صحيح ناهي، فردوس عاشق کان پڇندس ته اوهان ٻڌايو ته اوهان جو رستو ڪهڙو آهي؟ هن چيو ته فردوس عاشق اعواڻ جو هر پارٽي ڏانهن جهڪائو هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.