ڪراچي ( رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته آئين نه اسان جي حفاظت ڪري سگهيو ۽ نه ئي پاڪستان ۽ جمهوريت جي ڪري سگهيو آهي. ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته حڪمرانو ايوان کي خالي ڪريو، ملڪ جا وارث ملڪ سنڀالڻ اچي رهيا آهن، ڪراچي جو هي حال ڪرڻ وارن جو دماغ درست نه ڪيو ويو ته ڪجهه درست نه ٿيندو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي تي زبردستي ميئر مڙهيو ويو، جمهوريت جي آڙ ۾ آمريت قائم ڪئي وئي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ ڪراچي جي برين ٽيومر جو علاج آهي، ايم ڪيو ايم اڄ به پاڻي، سيوريج ۽ ٻيا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.